ديوان بيدل1

ديوان بيدل1

ديوان بيدل1

ديوان بيدل1 (ڪتاب): سنڌ جي عوامي، ڪلاسيڪي ۽ صوفي شاعر قادر بخش بيدل جي ڪلام تي مشتمل ’ديوان بيدل‘ مشهور عالم ۽ محقق، عبدالحسين شاهه موسويءَ تاليف ڪيو آهي. ان جو پهريون ڇاپو 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو هو. ڪتاب جو پيش لفظ ۽ طويل مقدمو عبدالحسين شاهه موسويءَ جو لکيل آهي. مقدمي ۾ هن بيدل جي وڏن جو احوال ۽ ولادت، بيدل جي تعليم ۽ سندس اوائلي عمر ۾ شعر، حسن پرستي، فنا في المعشوق، فقير غلام محمد، قاضي پير محمد، بيدل جي گرهستي زندگي، فقير صاحب جو مذهب، بيدل جي شخصيت، بيدل جو شعر ۽ شاعري، بيدل جي ڪلام تي متقدمين جو اثر، تصنيف ۽ تاليف جي عنوانن تي تفصيل سان لکيو آهي. ان بعد فقير قادر بخش بيدل جو سنڌي ڪلام ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ وحدت نامه، فرائض صوفيه، سنڌي ابيات، متفرقه ابيات، سنڌي ڪافيون، مناقب ۽ مرثيا ڏنا ويا آهن. ان کان پوءِ بيدل جا پنجن ٻولين ۾ مخمس، سرائيڪي ڪلام (ڪافيون، ابيات، سي حرفيون)، سلوڪ، اردو ڪلام جو نمونو، فارسي ڪلام جو نمونو ۽ عربي ڪلام جو نمونو ڏنا ويا آهن. ديوان بيدل ۾ ٻه ضميما به شامل آهن. ضميمي- 1 ۾ بيدل جي ڪلام جو تفصيل، فارسي تصنيفن (نثر ۽ نظم)، فارسي ۽ عربيءَ جي گڏيل تصنيفن، عربي ۽ اردو ڪلام جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ضميمي-2 ۾ بيدل جون ڪجهه هٿ آيل ڪافيون ڏيون ويون آهن. 260 صفحن تي مشتمل هي ديوان بيدل، سنڌي ادبي بورڊ، 1954ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ اُن جي قيمت 4 روپيا رکي وئي آهي. ان جو ٻيو ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ پاران 1961ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٽيون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ، 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 80 روپيا آهي. هن نئين ڇاپي ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق جو بيدل جي شاعريءَ جو مختصر جائزو ڇپيل آهي. هي ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري عبدالغفار صديقيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو